زورآور سنگهه

زورآور سنگهه: بيڪانير جي راجائن ۽ ڪلهوڙا حاڪمن جا پاڻ ۾ گهرا تعلق هئا. ’تاريخ بيڪانير‘ ۾ راءِ موهن لعل ڀٽاگر ڄاڻائي ٿو ته، ”ميان غلام شاهه ڪلهوڙي هڪ سفير کي بيڪانير موڪليو ۽ اها خواهش ظاهر ڪئي ته منهنجو پٽ ميان سرفراز خان ڪلهوڙو ۽ راجا جنگ سنگهه جو پٽ ڪنور راج سنگهه پاڻ ۾ پٽڪا بدلائين ته جيئن اتحاد ۽ دوستيءَ وارو سلسلو قائم ٿي وڃي.“ ان کانسواءِ ’تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور‘ ۾ غلام رسول ڄاڻائي ٿو ته 1741ع ۾ بيڪانير جي راجا زور آور سنگهه ۽ سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد خان ڪلهوڙي پٽڪا بدلايا، ان مان ظاهر آهي ته ميان نور محمد خان، ميان غلام شاهه ۽ ميان سرفراز خان ۽ بيڪانير جي راجائن زور آور سنگهه، جنگ سنگهه ۽ ڪنور راج سنگهه پنهنجي پنهنجي دؤر ۾ پٽڪا بدلائي، اتحاد ۽ دوستيءَ کي قائم رکيو. انهيءَ حوالي سان سنڌيءَ ۾ ”پڳ مٽ ياري“ وارو اصطلاح پڻ مشهور آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو